ڪئناڊا ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال، معاملا ڪيئن بگڙيا؟

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٿيل جي ٽوئنٽي اجلاس کانپوءِ ڪئناڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي جي ٽوئنٽي اجلاس دوران ٻه طرفي ملاقاتن دوران سکن سميت مختلف معاملن تي واضح جواب ڏئي ڇڏيو هو.

جنهن کانپوءِ ڪئناڊا ۽ ڀارت جا واپاري محاذ تي لاڳاپا متاثر ٿيڻ جو خبرون اچي رهيون آهن، ڪئناڊا آڪٽوبر ۾ طئي ٿيل ڀارت لاءِ تجارتي مشن ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪينيڊا جي واپار واري وزير جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ طئي ٿيل ڀارت لاءِ تجارتي مشن ملتوي ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان ڀارتي اختيارين چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ سياسي سرگرمين تي اعتراض سبب تجارتي معاهدي تي ڳالهه ٻول جو سلسلو روڪي ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ويجهڙائي ۾ڏنل هڪ بيان ۾ سکن جي مظاهرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪئناڊا تي تنقيد ڪئي هئي.

مودي جي تنقيد تي ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو هو ته ڪئناڊا ۾ هڙ شهري کي پُرامن احتجاج ۽ اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي.

ياد رهي ته ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽرڊو جي ٽوئنٽي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو هو، پر هو پنهنجي ڀارت جي دوري مان خوش نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.