سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس واهپيدارن لاءِ هڪ نئين فيچر جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت هو پنهنجي پوسٽن جي لائيڪ جي انگ کي لڪائي سگهن ٿا.
اِهو فيچر ايڪس طرفان واهپيدارن کي وڌيڪ پرائيويسي فراهم ڪرڻ جي قدمن جو حصو آهي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ وارن واهپيدارن جي پوسٽن تي لائيڪس جو انگ ٻين ماڻهن کي نظر نه ايندو.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته ڪمپني طرفان ان فيچر جي اعلان کانپوءِ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ واهپيدارن کي مشورو ڏنو آهي ته هو پنهنجا لائيڪس ڪائونٽ کي لڪائڻ بدران بڪ مارڪس فنڪشن استعمال ڪن.
يعني نئون فيچر آپشنل آهي ۽ واهپيدار جڏهن چاهن اِهو ان ايبل يا ڊس ايبل ڪري سگهن ٿا.
جيڪڏهن اوهان ايڪس پريميئم جا صارف آهيو ته ايڪس ايپ اوپن ڪري پروفائل ۾ وڃو.
اتي مٿي ساڄي پاسي ڪنڊ ۾ موجود ٿري ڊا مينيو تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز اينڊ پرائيويسي ۾ وڃو.
اتي پرائيويسي اينڊ سيفٽي جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ هيٺ اسڪرول ڪري لائيڪس سيشن ۾ هائيڊ لائيڪس ٽيب کي آن يا آف ڪري ڇڏيو.
ان فيچر جي استعمال سان واهيپدارن کي اِها ڳڻتي نه ڪرڻي پوندي ته سندس پوسٽن تي لائيڪس جو گهٽ انگ ٻيا ماڻهو ڏسي سگهندا.