بيوقوف چوڻ تي ڪنوار ڦري وئي، ٽن منٽن ۾ طلاق

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت ۾ هڪ ڪنوار پنهنجي مڙس طرفان بيوقوف چوڻ تي نڪاح جي ٽن منٽن بعد عدالت ۾ نڪاح ختم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

نڪاح جي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي جوڙو عدالت مان نڪري رهيو هو ته ان دوران ڪنوار ڪنهن شئي تان ترڪي ڪري پئي جنهن تي گهوٽ کيس بيوقوف چيو.

پوءِ ڪنوار کي اهڙي ڪاوڙ آئي جو هن فوري طور تي جج کي نڪاح ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

جج درخواست قبول ڪندي نڪاح جي ٽن منٽن بعد ئي سندن طلاق ڪرائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.