سون جا جڙيل آءِ فون پرو 15 ماڊلز پيش، قيمت هوش اُڏائي ڇڏيندي

يپل 12 سپٽيمبر تي آءِ فون 15 سيريز جا ماڊلز متعارف ڪرايا هئا.

آءِ فون 15،15 پرو ۽ 15 پرو ميڪس تي ٻڌل ان سيريز جو ڪو به ماڊل سونهري رنگ ۾ دستياب ناهي.

پر جيڪڏهن اوهان وٽ ججهو ناڻو آهي ته پوءِ Caviar نالي ڪمپني طرفان تيارل ڪيل آءِ فون 15 پرو ماڊلز خريد ڪري سگهو ٿا جنهن جي بيڪ سائيڊ تي سون جو استعمال ڪيو ويو آهي.

پرو ماڊلز کي الٽرا گولڊ جو نالو ڏنو ويو آهي، آءِ فون 15 پرو الٽرا گولڊ جي قميت 8890 ڊالرز ( 26 لک پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ ) کان شروع ٿئي ۽ ان سيريز جو سڀ کان مهانگو ماڊل 9890 ڊالرز ( 29 لک پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ ) ۾ دستياب آهي.

اهڙي ريت آءِ فون 15 پرو ميڪس الٽرا گولڊ 9670 ڊالرز ( 28 لک پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ) کان شروع ٿي 10هزار 390 ڊالرز ( 30 لک پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ ) تائين وڪرو ٿي رهي آهي.

ڪمپني طرفان آءِ فون 15 پرو ۽ 15 پرو ميڪس جي الٽرا بيلڪ ورجن به متعارف ڪرايا ويا آهن.

آءِ فون 15 پرو الٽرا بليڪ 8060 ڊالر کان شروع ٿي 9060 ڊالرز تائين وڪرو ٿيندو.

ان جي ڀيٽ ۾ آءِ فون 15 پرو ميڪس الٽرا بليڪ جو بيسڪ ماڊل 8840 ڊالرز جڏهن ته سڀ کان مهانگو 9560 ڊالر جو هوندو. الٽرا بليڪ ماڊل ۾ به 24K گولڊ ايپل لوگو استعمال ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.