نورا فتيحي سان اکيون ٻوٽي ڪم ڪندس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار ۽ ڳائڻي آغا علي انڪشاف ڪيو آهي ته هو نورا فتيحي سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

هڪ شو ۾ کانئس سوال ڪيو ويو ته بالي ووڊ ۾ جيڪڏهن کيس اداڪاري جو موقعو ملي ته ڪردار ڏسڻ کانسواءِ ڪنهن سان ڪم ڪرڻ پسند ڪندو؟

کيس سارا خان، اننيا پانڊي، ڪريتي سينن ۽ نورا فتيحي جي نالن آپشن ڏنا ويا.

سوال جي جواب ۾ آغا علي چيو ته هو نورا فتيحي سان بنا ڪردار ڏسڻ جي يعنيٰ اکيون ٻوٽي ڪم ڪرڻ پسند ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.