اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ مُلڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدالتي ڪارروائي سڌي ريت( لائيو) نشر ڪئي وئي .
سُپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ جو فيصلو ڪيو ويو.
ان فيصلي جي روشني ۾ عدالتي ڪمري نمبر هڪ ۾ پنج ڪيمرائون لڳايون ويون جنهن ذريعي ٽي وي تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکاري وئي.
چئن ڪيمرائن جو رخ بئنچ ۽ پنجين ڪيمرا جو روسٽرم ڏانهن رکيو ويو، عدالتي ڪمري ۾ وڪيلن جو وڏو انگ موجود هو ۽ تمام سيٽون فل هيون.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسي سڌي ريت ڪوريج ۾ خلل کان بچڻ لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي.