”2040 تائين معمول کان وڌيڪ گرمي پد پاڪستان ۾ ساليانو ڏيڍ لک موتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو“

سال 2023 تائين سڄي دنيا ۾ 50 ڪروڙ ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني لاءِ سخت گرمي کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
ان ڳالهه جو انڪشاف آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ ڪاربن پلان جي جاچ رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سخت گرمي کي منهن ڏيندڙ انهن 50 ڪروڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀارت جي 27 ڪروڙ آبادي شامل آهي.
ان کانسواءِ پاڪستان ۾ به 2023 تائين 19 ڪروڙ ماڻهو گرمي سان متاثر ٿي سگهن ٿا.
واشنگٽن پوسٽ ۽ ڪاربن پلان جي جاچ رپورٽ موجب پاڪستان ۽ ڀارت جا وڏا علائقا گرم موسم ۾ ٻڏي ويندا.
رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته 2024 تائين معمول کان وڌيڪ گرمي پد پاڪستان ۾ ساليانو ڏيڍ لک موتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.