ڀارت ايشيا ڪپ کٽڻ باوجود پوئتي، پاڪستان ون ڊي رينڪنگ ۾ وري ٽاپ تي اچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون ٽيم بڻجي وئي.
آچر ڏينهن ڀارت ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي اٺون ڀيرو اهو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
هوڏانهن ڏکڻ آفريقا 5 ميچن جي سيريز جي آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي سيريز 2-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڏکڻ آفريقا هٿان آسٽريليا کي شڪست کانپوءِ پاڪستان وري آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو.
ڀارت ايشيا ڪپ کٽي به ون ڊي رينڪنگ ۾ ٻي پوزيشن تي آهي، پاڪستان ايشيا ڪپ نه کٽي سگهيو پر ٽاپ پوزيشن تي اچي ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ريٽنگ پوائنٽون 115 آهن پر پاڪستان کي ڊيسيمل پوائنٽس تي سرسي هجڻ سبب پهرين پوزيشن ملي.
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽيم 113 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي هلي وئي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جو چوٿون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.