ايم ڊي ڪيٽ بلو ٽوٿ اسڪينڊل جي ماسٽر مائينڊ جي نشاندهي ٿي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ نقل جي اسڪينڊل جي ماسٽر مائينڊ جي نشاندهي ٿي وئي، جوابدار بلو ٽوٿ ذريعي اميدوارن کي نقل ڪرائي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار پبلڪ سروس ڪميشن ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو ملازم نڪتو، جوابدار کي ٽيسٽنگ سسٽم جي ڪمزورين جو علم آهي، بلو ٽوٿ سامان چين مان گهرايو ويو.
ذريعن موجب جوابدار ميڊيڪل ٽيسٽ جي اميدوارن کي نقل تي اڪسائيندو هو، جوابدار ٽيسٽ آئوٽ ڪرڻ لاءِ هال ۾ پنهنجا ڇاڙتا موڪليندو هو.
جوابدار ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پاس ڪرائڻ لاءِ لکين رپيا ورتا آهن.
واضح رهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي پرچي ۾ نقل ڪرڻ تي ڪيترن ئي اميدوارن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.