اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ نيون مقرريون ڪيون ويون آهن ۽ سيشن جج اوڪاڙا جزيله اسلم کي سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ترجمان چيف جسٽس طرفان نين مقررين جي پڌرائيءَ به جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب جزيله اسلم کي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سيشن جج اوڪاڙا جزيله اسلم جون خدمتون سپريم ڪورٽ حوالي ڪري ڇڏيون آهن، جزيله اسلم کي 3 سالن لاءِ ڊيپوٽيشن تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ موجب ڊاڪٽر مشتاق احمد کي چيف جسٽس جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان مان عبدالصادق چيف جسٽس جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿي ويو آهي.
You might also like