جرمن فٽبالر رابرٽ باور خاندان سوڌو اسلام جي دائري ۾ داخل

سعودي عرب جي الطائي فٽبال ڪلب جو ڊفينڊر رابرٽ باور اسلام قبولي ورتو.
سماجي رابطن جي سائيٽ انسٽاگرام تي رابرٽ باور تصوير شيئر ڪندي مداحن کي آگاهه ڪيو، جنهن ۾ هو نماز پڙهندي نظر اچي رهيو آهي.
هن پنهنجي پيغام ۾ خوشگوار تبديلي جو ذڪر ڪندي لکيو ته پنهنجي گهرواري ۽ خاندان سان گڏ اسلام ۾ داخل ٿي ويو آهي، توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي مدد ۽ حوصلا افزائي ڪئي.
واضح رهي ته جرمن فٽبالر سعودي پروفيشنل ليگ ۾ الطاي ايف سي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.