لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي گورنر هائوسز ٻاهران ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي کي رد ڪيون ٿا.
هن چيو حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي اگهه وڌائي عوام جي تڪليف وڌائي ڇڏي آهي، جماعت اسلامي بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف تحريڪ هلائي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته چئني صوبن ۾ گورنر هائوسز ٻاهران ڌرڻا هڻنداسين، عوام کي چوان ٿو ته ان صورتحال ۾ چُپ رهڻ موت آهي، موت جو انتظار ڪرڻ بدران گهرن مان نڪرو ۽ جماعت اسلامي جي تحريڪ جو حصو بڻجو.
You might also like