ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نجي اسڪول انتظاميا طرفان فيس ۾ واڌ خلاف درخواست تي والدين کان 30 هزار رپيا فيس وصولي کان روڪيندي اسڪول انتظاميا ۽ ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز کي طلب ڪري ورتو.
نجي اسڪول (لاهور گرامر اسڪول) ۾ ٻارن جي اسڪولي فيس وڌائڻ خلاف والدين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته آگسٽ 2022 ۾ اسڪول جي نئين برانچ جو افتتاح ٿيو هو، اسڪول انتظاميا لائف ٽائم فيس ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو چيو هو، ايئر ڪنڊيشنڊ ڪلاس روم سميت ٻين سهولتن جي خاطري ڪرائي وئي.
وڪيل چيو ته آهستي آهستي اسڪول انتظاميا جو رويو تبديل ٿيندو ويو، انتظاميا ٻارن کي ٽين جي ڇت هيٺان ويهارڻ شروع ڪري ڇڏيو، شڪايت ڪئي ۽ احتجاج ڪرڻ جو چيو ته انتظاميا ٻارن کي اسڪول مان ڪڍڻ جو چيو، جنهن تي عدالت سان رابطو ڪيو ويو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسڪول انتظاميا پراڻي فيس ۾ رڳو 5 سيڪڙو واڌ ڪري سگهي ٿي، جيستائين درخواست تي فيصلو نٿو ٿئي، اسڪول انتظاميا فيس ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ نه ڪري.
عدالت اسڪول انتظاميا کي والدين کان 30 هزار رپيا فيس وصولي کان به روڪي ڇڏيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته اسڪول انتظاميا فيس ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪري سگهي ٿي، جيڪا ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽ اسڪولز طرفان مقرر ڪيل آهي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اسڪول انتظاميا ۽ ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز کي طلب ڪري ورتو.
You might also like