گوتم گمڀير جي بابر اعظم تي ڇتي تنقيد

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ بي جي پي اڳواڻ گوتم گمڀير ايشياڪپ ۾ پاڪستان جي سريلنڪا هٿان سُپر فور مرحلي ۾ شڪست تي بابر اعظم جي ڪپتاني تي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن.

هڪ بيان ۾ گوتم گمڀير ميچ جي آخري اوورن دوران بابر اعظم جي ڪپتاني تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته زمان خان ۽ شاهين آفريدي سٺي بالنگ ڪري رهيا هئا پر بابر اعظم جي فيلڊ پليسمينٽ مون کي سمجهه ۾ نه آئي.

هن چيو ته جڏهن سست رفتار شاهين ۽ زمان بالنگ ڪري رهيا هئا ته بابر اعظم لانگ آف تي فيلڊر کي مٿي ڇو نه گهرايو، اهڙي طرح ڪوشل مينڊس ۽ سديرا وڪرما جي سينچري ڀائيواري دوران بابر پارٽنرشپ ٽوڙڻ بدران پارٽ ٽائيم بالرن کان بالنگ ڪرائي.

گوتم گمڀير چيو ته جڏهن به ڪا ڀائيواري ٺهڻ شروع ٿيندي آهي ته ڪپتان پنهنجي مين بالرن کي اوور ڏيندو آهي پر بابر اعظم ائين نه ڪيو.

هن بابر اعظم کي مشورو ڏيندي چيو ته  وچ وارن اوورز دوران وڌيڪ جارحاڻو انداز، وڪيٽون وٺڻ تي مڪمل ڌيان ئي اوهان کي ميچ کٽرائي سگهي ٿو، بابر کي پنهنجي ڪپتاني ۾ ڪيل غلطين مان سکڻو پوندو ڇو ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اهڙين غلطين جي گنجائش ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.