ڪراچي جي ايريڪا رابن ”مس يونيورس پاڪستان“ بڻجي وئي

ڪراچي جي ايريڪا رابن مس يونيوس پاڪستان بڻجي وئي.
لاهور جي حرا انعام، راولپنڊي جي جيسيڪا ولسن، پنسلوانيا مان آمريڪا ڄائي پاڪستاني مليڪه علوي ۽ پنجاب جي سبرينا وسيم به مقابلي ۾ شامل هئي.
ايريڪا رابن مس يونيورس جو ٽائيٽل کٽڻ کانپوءِ چيو ته پاڪستان جو هاڪاري اميج اجاڳر ڪرڻ لاءِ ان مقابلي جو حصو بڻيس.
هن چيو مان چاهيان ٿي ته سڄي دنيا پاڪستان جي ثقافت ڏسي، سڀني کي دعوت ڏيان ٿي ته پاڪستان اچي هتان جي ثقافت ۽ مهمان نوازي مان لطف اندوز ٿين.
واضح رهي ته مس يونيورس پاڪستان هن سال نومبر ۾ ايل سلواڊور ۾ ٿيندڙ عالمي مس يونيورس مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي سڀ کان وڏي حسن جي مقابلي ”مس يونيورس“ ۾ پاڪستاني حسينائون به حصو وٺنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.