گولڊ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ انٽيليجنس ايجنسين تي ٻڌل ٽاسڪ فورس قائم

گولڊ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي.
ذريعن موجب ٽاسڪ فورس جو مقصد سون جي سمگلرن ۽ مافيا کي پڪڙي قانوني ڪارروائي ڪرڻ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽاسڪ فورس سون سمگلنگ ڪندڙ مافيا ۽ سمگلرن جون لسٽون تيار ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته گولڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب سون جي خريد ۽ وڪري کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ لاءِ به هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو فائدو عام شهري ۽ ملڪ کي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.