پ پ جو نگران حڪومت تي سنگين الزام، ڀت سان لڳايو پيو وڃي: اڳواڻ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته ڪير به اعلان ڪري پر چوندون هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجن، اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ شازيا مري فيصل ڪريم ڪنڊي سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميٽنگ سڀاڻي تائين جاري رهندي ۽ پوءِ پڌرائي جاري ڪنداسين، اڄ گڏجاڻي گذريل ميٽنگ جو تسلسل هئي، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ مهانگائي تي ڳالهايو ويو.
هن چيو ته اجلاس ۾ چونڊن بابت به غور ڪيو ويو، ڇو ته ان معاملي تي ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صدر جي خط کانپوءِ مختلف ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پ پ ڪنهن به صوبي ۾ ڪمزور ناهي، بس اسان جو مطالبو آهي ته ليول فليئنگ فيلڊ ڏني وڃي، ٻين صوبن ۾ جڏهن ٽرانسفر پوسٽنگ ۽ ترقياتي ڪمن تي پابندي ناهي ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو پابندي لڳائي وئي آهي؟
شازيا مري چيو ته نگران حڪومت ڪجهه معاملن ۾ جانبداري جو مظاهرو به ڪري رهي آهي، پ پ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
پ پ اڳواڻن چيو ته ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويندو ته آئيني طور صدر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو حق رکي ٿو يا نه، ڇو ته صدر واضح موقف نٿو رکي ۽ وڪيٽ جي ٻني پاسن کان کيڏي رهيو آهي، خدشن تي پ پ وفد اليڪشن ڪميشن سان ملندو ۽ 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو مطالبو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.