پاڪستان کي تيل فراهمي بابت روس جو وڏو بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ روس جي سفير ڊينيلا گانچ چيو آهي ته اسان جو ملڪ پاڪستان کي تيل جي فراهمي جاري رکڻ چاهي ٿو ۽ اگهن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
ٿنڪ ٽينگ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ پاڪ – روس لاڳاپن تي هڪ ليڪچر دوران ڊينيلا گانچ چيو جيڪڏهن روس جي ڳالهه ڪجي ته اسان پاڪستان کي پنهنجي پهچ جاري رکڻ لاءِ تيار آهيون، ڇو ته پاڪستان ۽ روس جا اگهن جا مختلف مطالبا آهن پر مون کي اميد آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، اسان کي ڪجهه گڏيل بنياد ملي ويندو ۽ اسان واپار جاري رکنداسين.
هن چيو ته اسان ڪنهن ٽئين ملڪ سان پنهنجي لاڳاپن کي خراب ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان سان آزاد لاڳاپا رکڻ سکي رهيا آهيون، هلندڙ سال هڪ لک ٽن تيل پاڪستان کي وڪرو ڪري چڪا آهيون ۽ اهو سلسلو جاري رکڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.