ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) بحريا ٽائون انتظاميا جي بي حسي سبب 5 ورهين جو معصوم ٻار حياتي وڃائي ويٺو.
بحريا ٽائون ڪراچي ۾ بدانتظامي ۽ نااهلي سبب حادثا پيش اچڻ باوجود انتظاميا آڏو ملڪ جا سمورا ادارا بي وس بڻجي ويا.
ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي جي علائقي بحريا ٽائون ۾ 5 ورهين جو ٻارڙو ”بحريه ايڊونچر لينڊ“ واٽر پارڪ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
دل ڏاريندڙ واقعو آچر 10 سيپٽمبر تي شام جو پيش آيو، 5 ورهين جو معصوم ٻارڙو محمد شاهويز شهزاد پنهنجي والدين سان گڏ بحريا ٽائون ”ايڊونچر لينڊ“ سير ڪرڻ لاءِ پهتو هو، جتي هو وهنجندي ٻڏي ويو.
ذريعن موجب ايڊوينچر لينڊ جو عملو غير ترتيب يافته ۽ غير تجربيڪار هجڻ سبب ٻارڙو فوت ٿيو، ايڊوينچر پارڪ ۾ حادثو پيش اچڻ جي صورت ۾ لائيف گارڊ پڻ موجود ناهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ ايمبولينس ۾ معصوم ٻار تڙپندو رهيو پر ايڊوينچر لينڊ جي مک گيٽ کولڻ لاءِ عملو تيار ئي نه هو، نينگر جي والد جي رڙين ۽ دانهن بعد عملو پهتو تيستائين معصوم ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو.
واقعي جي وڊيو عوامي آواز پڻ هٿ ڪري ورتي آهي، وڊيو ڏسو
بحريا ٽائون موت جو راڪاس بڻجي ويو، انتظاميا جي بي حسي سبب معصوم ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت. pic.twitter.com/nb2nj0rSkN
— Awami Awaz Offical (@awamiawazsindhi) September 14, 2023