پاڪستان ڪسٽمز جي وڏي ڪارروائي، 22 ڪروڙن کان وڌيڪ جي سمگلنگ پڪڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪسٽمز ڪراچي جي صنعتي علائقي سائيٽ ايريا مان آئرن اسٽيل جي آڙ ۾ 22 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي پرڏيهي شين جي سمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي.
پاڪستان ڪسٽمز اينٽي سمگلنگ آرگنائيزيشن آئرن اسٽيل جي آڙ ۾ درآمد ٿيندڙ 22 ڪروڙ 77 لک رپين جي ماليت جون پرڏيهي شيون پڪڙي ورتيون.
سمگلنگ روڪ مهم تحت اها ڪارروائي سائيٽ جي علائقي نورس چورنگي ڀرسان ڪئي وئي، جتي ٻن ڪنٽينرن ۾ وڏي مقدار ۾ سمگل ٿيل پرڏيهي شين کي ٽرڪن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.
ڪسٽمز کاتي ۾ داخل ڪيل گڊز ڊڪليريشن ۾ انهن شين کي آئرن اسٽيل ظاهر ڪيو ويو هو، دستاويز ۽ شين ۾ هڪجهڙائي نه هجڻ تي پاڪستان ڪسٽمز انهن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب جاچ جي نتيجي ۾ مختلف قسمن جون 225 موبائل فونز، مختلف قسمن جا 1500 ليپ ٽاپ، 1200 موبائل ٽيبليٽ، 25 ايل سي ڊيز، 1270 اليڪٽرانڪ سگريٽ ۽ فليورز، 100 ڪارٽن صابڻ برآمد ٿيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته برآمد ٿيل سمگل ٿيندڙ شين جي ماليت 14 ڪروڙ 33 لک رپيا آهي، جن جي مس ڊڪليريشن ذريعي 8 ڪروڙ 44 هزار رپيا ادائيگي واري ٽيڪس جي مد ۾ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ائين برآمد ٿيندڙ سمگل ٿيل شين جي ٽيڪس ڊيوٽي سان گڏ ماليت 22 ڪروڙ 77 لک رپيا آهي.
اختيارين ڪيس داخل ڪري سمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ 90 لک رپيا ماليت جون ٻه ٽرڪون به ضبط ڪري ورتيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.