لياري ۾ منشيات فروش مڙس فائرنگ ڪري زال کي ماري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري ۾ پوليس منشيات فروش مڙس هٿان زال جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
لياري ڪلاڪوٽ جي علائقي ۾ مڙس يونس هٿان 23 ورهين جي سندس جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس مقتولا جي مڙس خلاف داخل ڪيو ويو.
ايس ايڇ او ڪلاڪوٽ موجب سندس جو مڙس منشيات فروش ۽ منشيات جو عادي هو، سندس ڪيترائي ڀيرا گهر ڀاتين کي مارڪٽ جون شڪايتون ڪيون پر ڪجهه نه ٿيو، پوءِ 12 سيپٽمبر تي يونس ۽ سندس ۾ جهيڙو ٿيو ۽ معاملو فائرنگ تائين پهچي ويو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي زال کي ماري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.