ننڍين وڊيوز لاءِ مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ پنهنجي سڀ کان وڏي مارڪيٽ ۾ آن لائين شاپنگ جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو.
ڪيترن ئي مهينن جي آزمائش کان پوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم آمريڪا ۾ اي ڪامرس پراڊڪٽ ٽڪ ٽاڪ شاپ کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ واهپيدارن جو انگ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.
ٽڪ ٽاڪ شاپ لاءِ ڪمپني هوم اسڪرين ۾ هڪ خاص شاپ ٽيب جو اضافو ڪيو آهي جڏهن ته لائيو وڊيو شاپنگ، شاپ ايبل ايڊز (ads) ۽ ٻيا فيچرز به متعارف ڪرايا ويا آهن.
ٽڪ ٽاڪ طرفان ٽڪ ٽاڪ شاپ جي آزمائش آمريڪا ۾ نومبر کان ڪئي پئي وئي.
ٽڪ ٽاڪ جي سرپرست ڪمپني بائيٽ ڊانس طرفان برطانيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن ۾ به آن لائين شاپنگ جي مختلف طريقن جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
ڪمپني طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽڪ ٽاڪ شاپ سان ڪمپنين ۽ عام ماڻهن کي واهپيدارن سان رابطي جو موقعو ملندو ۽ آن لائين شاپنگ جو تجربو بهتر ٿيندو.
ٽڪ ٽاڪ واهپيدار وڊيوز ۽ لائيو وڊيوز ذريعي پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪري سگھندا.
ٽڪ ٽاڪ شاپ لاءِ مختص ٽيب سان واهپيدار مختلف شين کي سرچ به ڪري سگھن ٿا.
ٽڪ ٽاڪ شاپ سان واهپيدار به پيسا ڪمائي سگھندا ۽ هو ڪمپنين جي شين کي ڪميشن وٺي وڪرو ڪري سگھن ٿا.
You might also like