زهر کائڻ ڏيو: همراهه عدالت پهچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي مزنگ جي رهواسي سرور تاج زهر پيئڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، شهري موجب هو اهو تجربو سڀني جي سامهون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان کي ڪجهه نه ٿيندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ زهر پيئڻ جي اجازت لاءِ درخواست داخل ڪندڙ شهري کان پڇاڻو ڪيو ته توهان زهر ڇو ٿا پيئڻ چاهيو؟
جسٽس راحيل ڪامران چيو عدالت ڪنهن کي زهر پيئڻ جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهي؟ مون کي لڳي ٿو ته توهان سستي شهرت لاءِ ڪو اسٽنٽ کيڏي رهيا آهيو.
درخواستگذار چيو ته مون کي ڪا شهرت نه گهرجي، منهنجو الله تي يقين آهي ته مون کي ڪجهه نه ٿيندو، لاهور جي موچي گيٽ سامهون اهو تجربو ڪرڻ چاهيان ٿو، عدالت اجازت ڏئي.
عدالت چيو ته آپگهات اسلام ۾ حرام آهي، توهان عدالت کان حرام ڪم ڪرڻ جي اجازت گهري رهيا آهيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته پاڻ موت گهرندڙن جي حوالي سان ڀارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن، ڀارت ۾ ڪينسر جي مريضن موت آسان ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
جواب ۾ درخواستگذار چيو ته مان نه مرندس، مون تي يقين ڪيو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪنهن کي غير قانوني ڪم جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، توهان جي جيڪڏهن صفا دل ڪري ٿي ته اهو ڪم ڪيو پوءِ قانون موجب توهان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، توهان عدالتي وقت ضايع ڪري رهيا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.