ڪويئٽا مان 2 افعاني گرفتار، هڪ ڪروڙ ڊالر هٿ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪي معيشت جي بحاليءَ  لاءِ جيڪي هنگامي  قدم کنيا ويا آهن، ان جي نتيجي ۾ ڊالر  جي قدر ۾ مسلسل لاٿ اچي رهي آهي. جڏهن ته بجلي چورن ۽ اسمگلنگ خلاف ڪاررواين سبب وڌيڪ بهتريءَ جي اميد ڪئي پئي وڃي.

نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته ان دوران سوشل ميڊيا تي ڇاپن جون ڪوڙيون خبر به ڇانيل آهن، پر ڪجهه درست خبرون به اچي رهيون آهن. اطلاع آهن ته ڪوئيٽا ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي هڪ ڪروڙ ڊالر هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي افغانستان اسمگل ٿيڻا هئا، اسمگل ڪرڻ لاءِ ڊالر  گڏ ڪندڙ 2 افغاني به گرفتار ڪيا ويا آهن.

صحافي موجب ضرورت  ان ڳالهه جي آهي مستقل بنيادن تي اهڙو نظام ترتيب ڏنو وڃي جو اسمگلنگ ۽ چوري جو بنياد ئي ختم ٿي وڃي ۽ بنا فرق جي جزا ۽ سزا جو نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 11 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.