ڪنڌڪوٽ: ٽرڪ ڊرائيورن جو مغوين جي بازياب لاءِ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ مان گذريل رات اغوا ٿي ويل ٻن ٽرڪ ڊرائيورن جي بازيابي لاءِ ٽرڪ ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.
ٽرڪ ڊرائيورن مغوي قدير احمد ۽ محمد ياسين بروهي جي بازيابي لاءِ ملير انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ضلعي اندر بدامني جي باهه ٻري رهي آهي ۽ پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
اغواٿيل ماڻهن کي جلدبازياب ڪرايو وڄي ٻي طرف پوري ضعلي جي اندربدامني جي باه ٻري اٿي آهي پرپوليس امن امان کي بحال ڪرائيڻ ۾ مڪمل طورناڪام ٿي چوڪي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.