سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ ورهين کان هلي رهيو آهي، هتي وڏا وڏا ڌاڙيل ٿي گذريا آهن جن تي لکين رپيا انعام هئا، جيتوڻيڪ انهن ڌاڙيلن کي انجام تائين پهچايو ويو پر ڌاڙيل راڄ جيئن جو تيئن برقرار آهي.
سنڌ جي ضلعن ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ شڪاپور جا علائقا ته ڄڻ ڌاڙيلن جي ڪنٽرول ۾ آهي ڇو ته هو جنهن کي چاهين مارين ۽ جنهن کي وڻي اغوا ڪن ٿا.
ڪڏهن هندو برادري جي ماڻهن، ڪڏهن واپارين ته ڪڏهن وري ٻارن کي اغوا ڪيو وڃي.
هنن ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن ۽ هي ڌاڙيل پنهنجي ٻارن کي به ننڍپڻ کان ئي هٿيار هلائڻ جي ٽريننگ ڏيندا آهن. انهن جو راڄ هاڻي پڪي ۾ هوندو پر ڪيئن، ڏسو هي رپورٽ