ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ آچر تي ٿيندڙ ميچ ۾ پاڪستان سرسي حاصل ڪرڻ ڪوشش ڪنداسين.
ڪولمبو پريس ڪانفرنس ڪندي شُڀمَن گِل چيو ته اسان ليفٽ آرم بالرن کي کيڏڻ لاءِ سُٺي پريڪٽس ڪئي آهي، اسان وٽ اسپيشلسٽ ٿرو ڊائون ڪرڻ وارا موجود آهن جنهن مان لاڀ حاصل ڪري رهيا آهيون.
هن چيوته عالمي ڪپ ۾ اسان لاءِ سڀ ميچون اهميت رکن ٿيون، هر ميچ جو دٻاءُ آهي، پاڪستان خلاف پهرين ميچ کيڏيو آهيان، سينيئرز وٽان مدد ملي.
سندس چوڻ هو ته روهت شرما سان گڏ کيڏڻ جو فائدو ٿيو آهي، سڀ رانديگرن کي پنهنجي ذميواري جو پتو آهي، پنهنجي ڪيريئر دوران ليفٽ آرم بالرن خلاف هر ڪوئي کيڏيو هوندو آهي، پاڪستان جي لفٽ آرم بالرن خلاف گهٽ کيڏيو آهيان.
هن چيوته بابر اعظم کي ڏسندا آهيون، جيڪو سٺو پرفارم ڪري رهيو آهي، کيس هر ڪوئي نوٽ ڪري ٿو ته هن ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، بابر اعظم ورلڊ ڪلاس پليئر آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته جنهن خلاف اوهان گهٽ کيڏندا آهيو ته پريشاني ٿيندي آهي، پاڪستان خلاف ايڏو ناهيون کيڏندا جيترون بين ٽيمن خلاف کيڏندا آهيون، پاڪستان تي سرسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪينڊي ۾ به سٺو ٽارگيٽ ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين.
هن وڌيڪ چيو ته سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان جو بالنگ اٽيڪ سٺو آهي، جڏهن اوهان ڪنهن خلاف پهريون ڀيرو کيڏندا آهيو ته فرق پوندو آهي، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه ڌار ڌار قسم جا بالر آهن، سندن پنهنجي، پنهنجي خاصيت آهي، شاهين آفريدي سوئنگ ۽ نسيم شاهه تيز بالنگ ڪندو آهي
You might also like