هيءَ پاڪستاني اداڪارا ڪنگنا رناوت کي چماٽ هڻڻ چاهي ٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا نوشين شاهه سوشل ميڊيا تي ايڪٽو رهندي آهي ۽ اڪٿر پوسٽ ذريعي هيڊلائينس ۾ هوندي آهي پر تازو هن بالي ووڊ اداڪارا تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هو کيس چماٽ هڻڻ چاهي ٿي.

هڪ ٽاڪ شو دوران سندس واتان اهي لفظ نڪتا ۽ ڪنگنا کي سبق سيکاريائين.

بالي ووڊ پنگا ڪوئين کي سبق سيکاريندڙ نوشين شاهه کان پڇيو ويو ته ڇا هو ڪنگنا سان ملڻ چاهيندي، جنهن تي هن چيو ته هو منهنجي ملڪ خلاف بڪواس ڪندي آهي، کيس ڪنهن شئي جي خبر ناهي، پنهنجي ملڪ تي ڌيان ڏئي ۽ اداڪاري ڪري، هن ڪنگنا کي صلاح ڏني ته پنهنجي اڳوڻن عاشقن ۽ ٻين شين تي ڌيان ڏئي.

ڪنگنا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بعد هن تعريف به ڪئي ته هو سٺي اداڪارا آهي پر سندس بڪواس پسند ناهي ايندي، دل چوندي آهي کيس چماٽ وهائي ڪڍان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.