ڊالر، پيٽرول ۽ کنڊ جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ اختيار ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي آمريڪي ڊالر، کنڊ، ڀاڻ ۽ پيٽروليم شين جي سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ اختيار حوالي ڪري ڇڏيا.
نگران گهرو وزير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس کانپوءِ ايف آءِ اي جي ڪارروائين جا حڪم جاري ڪيا ويا، جنهن جو خط به جاري ڪيو ويو آهي.
خط موجب آمريڪي ڊالر ۽ ٻي پرڏيهي ڪرنسي جي سموري ايگزٽ ۽ انٽري پوائنٽس تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري سگهندي.
ان کانسواءِ سڀني زونل ڊائريڪٽرز کي روز جي بنياد تي لاڳاپيل فارم ذريعي تفصيل هيڊ ڪوارٽر کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ايف آءِ اي جا سمورا زونل ڊائريڪٽر روز جي بنياد تي صبح 10 وڳي رپورٽ موڪليندا.
هوڏانهن سمگلنگ خلاف ڪارروائين لاءِ اينٽي مني لانڊرنگ ڊائريڪٽوريٽ مان انسپيڪٽر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي جي سڀني زونل ڊائريڪٽرز کي به هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.