ماهواري نه اچڻ جا سبب ۽ حَل

شادي شده عورتن لاءِ ماهواري نه اچڻ ڳورهاري ٿيڻ جو ثبوت هوندو اهي. پر ائين ضروري به ناهي ته ماهواري نه اچي ته عورتن کي اميدواري سان هجڻ جو سمجهيو وڃي ڇو ته ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا جن جي باري ۾ ڪيترين ئي عورتن کي خبر ناهي هوندي.

حقيقت ۾ عورتن ۾ ماهواري جو نظام انهن جي هارمونز واري نظام سان جڙيل هوندو آهي جيڪو وقت سان گڏوگڏ قدرتي طور تي مٽبو رهندو آهي. اهو نظام باقاعدا طور تي هر مهيني ڪم ڪندو آهي ۽ ماهواري جي باقاعدگي مان سمجهڻ گهرجي ته انهن جي جسم ۾ هارمونز وارو نظام صحيح ڪم ڪري ٿو، پوءِ ماهواري نه اچڻ جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟

ماهر گائنوڪالاجسٽ ۽ صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مقرر تاريخ جي هڪ هفتي تائين ماهواري نه اچي ته اهو عام مسئلو ناهي پر ڪنهن خطرناڪ بيماري جي علامت ٿي سگهي ٿو، جنهن جي ڪري توهان کي فوري طور تي ڊاڪٽرياڻي سان رابطو ڪرڻ گهرجي جيڪا اوهان جي مسئلي کي سمجهي ان کي حل ڪندي. پر اسان ماهواري ۾ بي قاعدگين جا ڪجهه سبب ٻڌايون ٿا.

ذهني دٻاءُ

ماهواري جي بي قاعدگي جو سبب شديد نوعيت جو ذهني دٻاءُ ٿي سگهي ٿو ان سان هڪ پاسي ته ماهواري بند ٿي سگهي ٿي يا وري وقت کان اڳ به شروع ٿي سگهي ٿي. عام طور تي ذهني دٻاءَ جي صورت ۾ جسم ڪجهه اهڙا هارمونز بڻائيندو آهي جيڪي ماهواري جي نظام ۾ بگاڙ پيدا ڪندا آهن. جنهن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر عام طور تي اينٽي ڊپريشن دوائون استعمال ڪرائيندا آهن. جڏهن ذهني دٻاءُ ختم ٿي ويندو آهي ته اهڙي تڪليف به ختم ٿي وڃي ٿي.

وزن گهٽجڻ

وزن جو گهڻو گهٽجي وڃڻ ڪنهن به عورت جي لاءِ سٺي ڳالهه ناهي هوندو ان جو سڌيءَ ريت اثر ماهواري جي نظام تي پوندو آهي. سڻڀ جي کوٽ جي ڪري هڪ پاسي ته ڳورهاري نه بڻجڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن انکانسواءِ ماهواري جي نظام تي به اثر پوندو آهي.

بُک ڪاٽڻ

گهڻي قدر عورتون خوبصورت رهڻ لاءِ پنهنجو وزن گهٽائڻ جي ڪوششن ۾ رهنديون آهن ۽ سخت ڊائيٽنگ ڪنديون آهن جنهن جي ڪري اهي صحتمند رهڻ بدران انهن جي هارمونز تي اثر پوندو آهي جنهن سان انهن جي ماهواري به بند ٿي سگهي ٿي.

پولي سسٽڪ اووري

اها تڪليف اڄڪلهه عورتن ۾ عام ٿيندي پئي وڃي ان تڪليف ۾ ٻچي داني جي اندر ڳوڙهيون بڻجي وينديون آهن جنهن جي ڪري ٻين تڪليفن سان گڏ ماهواري جو سلسلو به بند ٿي ويندو آهي جيڪا تڪليف پڻ هارمونز جي نظام ۾ بگاڙ جي ڪري ٿئي ٿي.

حمل روڪيندڙ دوائون

ڪيتريون ئي عورتون ٻار پيدا ڪرڻ ۾ وقفي جي لاءِ دوائن جو استعمال ڪنديون آهن جن دوائن جو هر عورت جي مزاج جي حساب سان مختلف سائيڊ افيڪٽ به ٿيندا آهن. ڪيترين ئي عورتن ۾ اهي دوائون مهيني ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ماهواري جو سبب به بڻجي وينديون آهن جڏهن ته ڪيترين ئي عورتن جي انهن دوائن جي ڪري ماهواري بند ٿي ويندي آهي. بهتر ته اهو آهي ته ماهواري نه اچڻ جا سبب جاچي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو وڃي. ان سان گڏ انهن ڳالهين کان به پاسو ڪيو وڃي جيڪي ماهواري نه اچڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.