انڊونيشيا وڃڻ جي خواهشمندن لاءِ اهم خبرا

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي آڻڻ لاءِ ”گولڊن ويزا“ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، ان اسڪيم ۾ 5 کان 10 سالن تائين رهائشي اجازت نامو به ڏنو پيو وڃي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا، آئرليند، نيوزي لينڊ ۽ اسپين طرفان سيڙپڪارن لاءِ گوڊن ويزا متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن جي ذريعي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي انڊونيشي قانون ۽ انساني حقن واري وزارت طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته انڊونيشيا به پنهنجي ملڪي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ غير ملڪي انفرادي ۽ ڪارپوريٽ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ گولڊن ويزا اسڪيم متعارف ڪرائي رهيو آهي.

ان حوالي سان ڊائريڪٽر جنرل آف اميگريشن سلمي ڪريم بيان ۾ چيو ته گولڊن ويزا تحت غير ملڪين کي 5 کان 10 سالن جي واڌ جوڳي مدي لاءِ رهائشي اجازت ناما به ڏنا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.