سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ٿينديون، فهرست تيار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي بيورڪريسي ۾ وڏي پئماني تي بدلين جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ فهرست اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻي وئي آهي.

نگران صوبائي حڪومت ۾ بيورڪريسي جي تبديلين واري معاملي تي آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جي فهرست تياري ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻي وئي آهي.

سموري صوبي ۾ مقرر ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي تبديل ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ اڄ شام تائين بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

اليڪشن ڪميشن، سنڌ سرڪار جي موڪليل فهرست تي اعتراض نه واريو ته مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشنز اڄ جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.