”عمران خان جي آزادي لاءِ ٻاهريون طاقتون سرگرم، جلد بريڪنگ نيوز ايندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ نجم سيٺي جي گهرواري جگنو محسن دعويٰ ڪئي آهي ته يورپي ۽ ٻيا ملڪ عمران خان جي آزادي لاءِ سرگرم آهن.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جگنو محسن چيو ته مان ان حوالي سان پنهنجي ڄاڻ گڏ ڪري رهي آهيان، جلد ئي بريڪنگ نيوز شيئر ڪنديس.
هن چيو ته قانون هر هڪ لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، خان صاحب قانون کان مٿانهون ناهي پر ان جو حق آهي ته هو پنهنجي رليف لاءِ درخواست ڏئي.
سندس چوڻ هو مون کي اها به خبر آهي ته هتان يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪهڙيون طاقتون آهن، ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ان مهم ۾ اڳڀرا آهن.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي امڪاني آزادي جي سوال تي جگنو محسن چيو ته جيڪڏهن توهان حق تي آهيو ته ڪا طاقت توهان کي جيل ۾ نٿي رکي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.