لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته چونڊون ملتوي ٿيون ته احتجاج لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين سان گڏ به بيهي سگهون ٿا.
نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي عطا تارڙ چونڊون ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين سان گڏجي احتجاج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته چونڊون ايندڙ سال فيبروري تائين ٿي وينديون.
چونڊون ملتوي ٿيون ته ڇا ٿيندو؟ جي سوال تي عطا تارڙ چيو ته ان صورت ۾ ن ليگ ۽ پ پ هڪ ٽريڪ تي هونديون.
امڪاني احتجاج ۾ تحريڪ انصاف جي شموليت بابت سوال تي ن ليگ اڳواڻ چيو ته احتجاجي تحريڪ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين به اسان سان گڏ ٿي سگهي ٿو.
You might also like