پوليس تي تشدد جو الزام، ڪراچي ۾ شهري پنهنجي موٽر سائيڪل ساڙي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس جي مبينا بُري ورتاءَ تي شهري پنهنجي موٽر سائيڪل ساڙي ڇڏي.
آن لائن موٽر سائيڪل هلائيندڙ شهري هيريسن پوليس اهلڪارن تي تشدد جو الزام هڻندي ڪراچي پريس ڪلب سامهون پنهنجي موٽر سائيڪل کي باهه ڏني.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ شهري چيو ته ڪينٽ اسٽيشن ڀرسان شڪي ماڻهن کي ڏسي مان 15 مددگار کي فون ڪئي، 15 مددگار جي اهلڪارن پهچي چيو ته تون نشي ۾ ٿو لڳين ۽ انهن مون تي تشدد ڪيو.
هيريسن آن لائن موٽر سائيڪل هلائيندو آهي، جنهن کي پوليس پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.
ايس ايس پي ڏکڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن پوليس اهلڪارن جي غلطي ثابت ٿي هت انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.