”جوان“ جو ڌماڪيدار ٽريلر جاري، فلم انڊسٽريءَ ۾ ٿرٿلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ميگا ٿرلر ايڪشن فلم ”جوان“ جو ڌماڪيدار ٽريلر رليز ٿي ويو ۽ ان سڄي فلم انڊسٽريءَ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
بلاڪ باسٽر فلم ”پٺاڻ“ کانپوءِ مداح شاهه خان جي فلم ”جوان“ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيا آهن، جيڪا 7 سيپٽمبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.
فلم جي ٽريلر ۾ مداحن لاءِ اهو سڀ ڪجهه آهي، جنهن جي کين اميد هئي ۽ شاهه رخ خان جي اداڪاري ڏسي مداحن جو انتظار وڌي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.