سنڌ ۾ شاگردن کي جسماني سزائو ڏيڻ تي پابندي لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي اسڪول ۾ شاگردن تي جسماني سزا جو نوٽيس وٺندي جسماني سزائون تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز پروفيسر رفيعه ملاح نجي اسڪولن جي انتظاميا کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نجي اسڪولن کي جاري خط موجب سزائن جي حوالي سان والدين جو اڻ ڳڻيون شڪايتون ملي رهيون آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولن جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ۾ جسماني سزا تي پابندي جو شرط هوندو، شاگردن کي جسماني سزا ڏني وئي ته اسڪول جي رجسٽريشن معطل ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.