”جنن نوجوان ناري کي رت جا ڳوڙها روئاري ڇڏيا“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رت جا ڳوڙها روئڻ وارو محاورو ته توهان ٻڌو هوندو ۽ خوفناڪ فلمن ۾ اهڙا منظر ڏٺا هوندا، پر حقيقت ۾ هن وقت دنيا ۾ 4 ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي واقعي رت جا ڳوڙها روئيندا آهن.

انهن چئن بابت پراسرار ڪهاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون ڪيون ويون آهن.

تازو ئي مصر ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري هيفا ظاهر ٿي آهي، جنهن جي اکين مان رت جا ڳوڙها وهندا آهن.

ان تي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هيفا کي جن رت جا ڳوڙها روئڻ تي مجبور ڪندا آهن ۽ 17 ورهين جي هيفا هڪ هزار جنن جي گرفت ۾ آهي جنهن سبب سندس جيئڻ جنجال آهي.

گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽس تي رت جا ڳوڙها روئندڙ ڇوڪري جون تصويرون اپ لوڊ ڪيون ويون، جن کي لکين ماڻهن ڏٺو.

دعويٰ ڪئي وئي ته نوجوان ناري هزار عيسائي جنن جي قبضي ۾ آهي.

فيس بڪ جي اڪثر واهپيدارن اهو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته رت جا ڳوڙها روئڻ هيمولاڪريا نالي بيماري جو نتيجو آهي.

17 سالن جي هيفا هڪ پروگرام ۾ چيو ته هوءَ هڪ دفعي سج لٿي کان پوءِ علائقي جي هڪ پراڻي چرچ وٽان گذري رهي هئي ته مٿس جنن قبضو ڪري ورتو، جنهن بعد هوءَ بيهوش ٿي وئي ۽ هر روز جن وٽس ايندا هئا.

اکين مان ڳوڙهن بدران رت جا ڦڙا وهڻ هڪ نادر مرض جو سبب ٿي سگهي ٿو جنهن کي هيمولاڪريا چيو ويندو آهي.

هن وقت دنيا جي مختلف علائقن مان 4 اهڙا ماڻهو ميڊيا ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي هن مرض ۾ مبتلا آهن. اها اکين جي بيماري 1 ملين ماڻهن مان هڪ کي متاثر ڪري سگهي ٿي.

اکين مان رت جا ڳوڙها وهڻ تي اهڙي تڪليف ناهي ٿيندي.

آمريڪا ۾ 15 سالن جو هڪ ڇوڪرو به ان ڪيفيت ۾ مبتلا آهي، هو ڏينهن ۾ 3 ڀيرا رت جا ڳوڙها روئندو آهي.

ڊاڪٽر سندس علاج ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن ۽ سندس دوست کيس جن سمجهي ڊڄي ويندا آهن.

اهڙي ريت نئين دهلي ۾ رشيدا نالي هڪ عورت آهي جيڪا ننڍپڻ کان رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي.

مٿي ذڪر ڪيل ماڻهن تي نه ئي جنن جا حملا ٿيندا آهن ۽ نه ئي هو انهن جو شڪار آهن.

پر مصري ڇوڪري جو معاملو ان جي ابتڙ آهي.

سندس وارثن هن جو طبي معائنو به ڪرايو آهي ۽ سندس روحاني علاج به هلي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.