هانيا عامر جي ”ڪنگ خان انداز“ سڀني جون دليون کٽي ورتيون، وڊيو ڏسو

پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي ناليواري اداڪارا هانيا عامر بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي نقل ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون.
هانيا عامر انسٽاگرام تي نئين وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا لنڊن جي آهي، اداڪارا ان وڊيو ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جو مخصوص انداز اختيار ڪيو.
ان وڊيو سان گڏ هانيا عامر، ڪنگ خان جو ڊائلاگ به ڪيپشن ۾ لکيو ته ”اي تم بور تو نهين هو رهي نا“ ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هوءَ شاهه رخ خان جي مداح آهي.
هانيا عامر جي ان وڊيو کي نه رڳو پاڪستان پر پاڙيسري ملڪ ۾ به پسند ڪيو پيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدار اداڪارا جي تعريف ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.