100 سال جيئرو رهڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين تحقيق م انڪشاف ٿيو آهي ته جن عورتن 60 سالن جي عمر تائين پنهنجو وزن وڌيڪ مستحڪم رکيو انهن ۾ غيرمعمولي ڊگهي عمر ۽ 100 سالنت ائين جيئرو رهڻ جو امڪان هوندو آهي.

يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي محققن جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جن ماڻهن جو وزن تبديل ناهي ٿيو انهن ۾ 90، 95 ۽ 100 سالن جي عمر تائين پهچڻ جو امڪان انهن ماڻهن کان هڪ ڏهائي ٻه سيڪڙو کان 2 ڀيرا تائين وڌيڪ هوندو آهي جن پنهنجي جسم جو پنج سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ وزن گهٽ ڪيو.

يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر علاءُالدين شاداب چيو ته هن تحقيق جا نتيجا وڏي عمر جي عورتن ۾ ڊگهي عمر ماڻڻ لاءِ مستحڪم وزن جي حمايت ڪن ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ عمر جون عورتون وزن گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ باوجود وزن ۾ گهٽتائي محسوس ڪن ٿيون ته اها انهن جي خراب صحت جي علامت ۽ ڊگهي عمر ۾ گهٽتائي جو سبب ٿي سگهي ٿي.

مطالعي لاءِمحققن هڪ آمريڪي تحقيق ۾ شامل 54 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيتا جو جائزو ورتو. هن تحقيق ۾ جواني جي عمر بعد عورتن ۾ دائمي بيمارين جي سببن جو جائزو ورتو ويو.

وڌيڪ وزن يا ٿولهه جو شڪار ماڻهن ۾ ٽائپ ٽو شگر، دل جي بيماري، اڌ رنگ ۽ ڪينسر جي ڪجهه قسمن جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 56 سيڪڙو عورتون 90 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر تائين جيئرو رهيون پر ٽن سالن جي مدي ۾ وزن کي مستحڪم رکڻ جي ڀيٽ ۾ انهن جي وزن جو پنج سيڪڙو گهٽجڻ انهن جي غيرمعمولي ڊگهي عمر ۾ گهٽتائي جو سبب بڻيو.

جڏهن هنن انهن گروپن کي ڌار ڌار ڏٺو ته نتيجن جو پيٽرن عام وزن، وڌيڪ وزن ۽ ٿولهه جو شڪار عورتن وچ ۾ هڪ جهڙو هو.

پروفيسر شاداب وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ وڏي عمر جي عورتن جو وڌيڪ وزن يا ٿولهه جو شڪار ٿيڻ عام ڳالهه آهي.

برطانيا ۾ هڪ صحتمند شخص جو باڊي ماس انڊيڪس بي ايم آءِ اسڪور 18.5 ۽ 24.9 وچ ۾ آهي پر 65 کان 74 سالن جي عمر جي عورت لاءِ وچولو اسڪور 28.2 رکيو ويو آهي.

اين ايڇ ايس جي انگن اکرن موجب ان حد ۾ سڀني بالغن مان ڪجهه حصو وڌيڪ وزن وارن جو آهي.

آمريڪا ۽ برطانيا ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ئي عمر جي ڪيٽيگري جي مردن جو وڌيڪ وزن يا ٿولهه جو شڪار ٿيڻ به عام آهي.

اها تحقيق جرنل آف جيرونٽولوجي ميڊيڪل سائنس ۾ شايع ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.