فائيو سائيڊ ايشيا هاڪي ڪپ، پاڪستان ڀارت کي به مات ڏئي ڇڏي

فائيو سائيڊ ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان پنهنجي ٽين ميچ ۾ روايتي مخالف ڀارت کي سخت مقابلي کانپوءِ 4 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ٽن ميچن ۾ 9 پوائنٽن تان ٽاپ پوزيشن تي آهي، جنهن ٽن ميچن ۾ مجموعي طور 39 گول ڪيا.
عمان جي شهر صلاله ۾ جاري ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، جيڪو پاڪستان 4-5 تان پنهنجي نالي ڪيو.
پاڪستان جي ايونٽ ۾ اها ٽين ڪاميابي آهي، پاڪستان طرفان ڀارت خلاف ميچ ۾ ارشد لياقت ٻه گول، ذڪريا حيات، عبدالرحمان ۽ راڻا عبدالوحيد هڪ – هڪ گول ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.