سنڌ ۾ نئين اڏاوتن تي لاڳو پابندي ختم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني کاتي واري نگران وزير محمد مبين جماڻي سمورن رهائشي ۽ ڪمرشل نقشن تي لڳايل پابندي ختم ڪندي سمورن قانوني رهائشي ۽ ڪمرشل نقشن ۽ پلان جي منظوري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مڪاني کاتي واري نگران وزير محمد مبين جماڻي جو چون هو ته اسان پابندي رڳو غير قانوني اڏاوتن کي روڪڻ لاءِ لڳائي هئي پر هاڻ سڀني آفيسرن کي سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته هاڻ هڪ به غير قانوني نقشي يا پلان جي منظوري ڏني وئي ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

هن چيو ته اسان غير قانوني عمارتن جي فهرست طلب ڪئي آهي ته جيئن خبر پئجي سگھي ته ڪهڙي ضلعي ۾ ڪهڙي دور ۾ ڪهڙي آفيسر جي موجودگي ۾ اهي عمارتون ٺهيون.
سندس چوڻ هو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سمورن آفيسرن جي ڀرپور ڪوشش هجڻ گھرجي ته عام شهرين جي مجبورين ۽ مسئلن کي گھٽاي وڃي.
محمد مبين جماڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ون ونڊو سسٽم کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي ته جيئن ننڍا گھر ٺاهيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگھجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.