پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ شروع، آئمه ۽ نيپالي گلوڪارا افتتاحي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

ملتان (ويب ڊيسڪ) 15 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ملتان ۾ کيڏي پئي وڃي، جتي پاڪستان نيپال خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ ڪري رهيو آهي.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي نيپال خلاف اڳ ۾ پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ٽاس کانپوءِ ايشيا ڪپ جي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن ۾ ناليواري پاڪستاني گلوڪارا آئمه بيگ ۽ نيپالي گلوڪارا ٿريساله گرونگ آواز جو جادو جاڳايو.
نيپال خلاف پاڪستان پليئنگ اليون ۾ ڪپتان بابر اعظم، نائب ڪپتان شاداب خان، فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، محمد رضوان، محمد نواز، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.