اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطلي جي درخواست تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق زباني طور تي مختصر فيصلو ٻڌايو ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست منظور ڪئي.
عدالت عمران خان جي سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي چيو ته لکت فيصلي ۾ سزا معطلي جا سبب ٻڌايا ويندا ۽ لکت فيصلو جلد جاري ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like