16 سالن جي پاڪستاني ڄائي برطانوي شاگردياڻي ماهنور چيما جو چوڻ آهي ته هو انهن ماڻهن مان نه آهي جيڪي ڪلاس ۾ ويهي ڪنهن ليڪچر مان علم حاصل ڪندا آهن.
ماهنور چيما جنرل سرٽيفڪيٽ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن جي امتحان ۾ 34 مضمونن ۾ رڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
ماهنور او ليول امتحان ۾ 10 مضمون اسڪول مان 24 مضمون پرائويٽ اميدوار جي طور تي ڏنا ۽ سڀني ۾ اي اسٽار گريڊ حاصل ڪيا.