راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي آزادي کانپوءِ ٻيهر اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪيو ويو.
اسلام آباد پوليس اڳوڻي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، ايمان مزاري کي اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪيو ويو.
اڄ صبح اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌمڪي ۽ بغاوت جي ڪيس ۾ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪئي هئي.
واضح رهي ته 20 آگسٽ تي ايمان مزاري کي گرفتار ڪيو ويو هو، پوءِ ڊيوٽي جج ايمان مزاري جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪندي کيس وومين پوليس اسٽيشن ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو هو.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب ايمان مزاري تي جلسي جي اين او سي جي ڀڃڪڙي جو ڪيس آهي، ريلي مخصوص علائقي تائين محدود رکڻ بدران روڊ کي بلاڪ ڪيو ويو هو.
Prev Post
You might also like