هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪهڙي آهي؟

دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪنهن ايڊرائيڊ ڊوائس ٺاهيندڙ ڪمپني جي نه پر ايپل جي آءِ فون پرو ميڪس آهي.
سمارٽ فونز جي وڪري بابت انگ اکر جاري ڪندڙ ڪمپني Omdia، 2023 جي پهرين 6 مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز بابت ٻڌايو آهي.
رپورٽ موجب جنوري کان جون 2023 دوران ايپل آءِ فون 14 پرو ميڪس جا ٻه ڪروڙ 65 لک کان وڌيڪ يونٽس وڪرو ٿيا.
ٻئي نمبر تي به ايپل جو ئي آءِ فون 14 پرو آهي، جنهن جا ان عرصي دوران ٻه ڪروڙ 10 لک يونٽس وڪرو ٿيا.
ٽئين نمبر تي به ايپل جي ئي آءِ فون 14 رهي، جنهن جا هڪ ڪروڙ 65 لک يونٽس وڪرو ٿيا.
ان فهرست ۾ چوٿين نمبر تي به ايپل جي ئي آءِ فون 13 آهي، جنهن جا هڪ ڪروڙ 55 لک يونٽس وڪرو ٿيا.
سام سنگ جي گليڪسي اي 14 جي حصي ۾ پنجون نمبر آيو، جنهن جا جنوري کان جون دوران هڪ ڪروڙ 24 لک يونٽس وڪرو ٿيا.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي شرح وڌي رهي آهي ۽ ماڻهن جي خريد جي قوت متاثر ٿي رهي آهي، ان باوجود ماڻهو آءِ فونز کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.