ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب شهر وزيرآباد ۽ ڀرپاسي بجلي جا ڳرا بل اچڻ تي مسجد مان بل نه ڀرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن تي سڄي ملڪ ۾ عوام سراپا احتجاج آهي، ماڻهن طرفان نه رڳو بجلي جي بلن کي باهه ڏني پئي وڃي پر حڪومت کان ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو به ڪيو پيو وڃي.
اهڙي صورتحال ۾ وزيرآباد مان هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ مسجد جو امام لائوڊ اسپيڪر تي بجلي جو بل نه ڀرڻ جو پيغام ڏئي رهيو آهي.
وائرل وڊيو ۾ مسجد جو امام چئي ٿو ته وڪيلن ۽ صحافي برادري طرفان گڏيل اعلان ڪيو وڃي ٿو ته ڪير به بجلي جو بل نه ڀري، اسان توهان سان گڏ آهيون.
You might also like