ڪي اليڪٽرڪ سي اي او جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي تنبيهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ غير حاضري تي ڪي اليڪٽرڪ سي اي او تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن هو ايندڙ اجلاس ۾ نه آيو ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.
سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او مونس علوي جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن هو ايندڙ اجلاس ۾ نه آيو ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين.
ڪميٽي چيئرمين وارننگ ڏني ته ائين نه ڪيو، اسان وٽ اختيار آهن ۽ اسان وارنٽ پاڻ آڻي سگهون ٿا.
ڪي اليڪٽرڪ اختيارين چيو ته بلن جي معاملي تي ڪراچي جون حالتون خراب آهن، تنهن ڪري سي اي او نه اچي سگهيو، جيڪڏهن اهڙي صورتحال نه هجي ها ته هو اچي ها.
ڪميٽي ميمبر فدا محمد چيو ته توهان جو سي اي او ان کان اڳ ڪڏهن ڪميٽي ۾ آيو آهي؟ اهو ته ان جو معمول آهي.
ڪميٽي چيئرمين چيو ڪي اليڪٽرڪ جو معاملو هر حال ۾ بحث هيٺ ايندو، اسان کي سي اي او صاحب جي مصروفيتن جي خبر آ ته ڪٿي هوندا آهن، ايندڙ اجلاس ۾ نه آيو ته گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.