ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي وارث خان ٿاڻي جي علائقي ۾ عورت کان ٻن جوابدارن پاران ڦرلٽ ڪئي وئي آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون آئي آهي.
هٿياربند ڦورو واٽ ويندڙ عورت کي هٿيار ڏيکاري روڪين ٿا ۽ مٿس جنسي حملو ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت پاران مزاحمت تي کيس لتون هنيون وڃن ٿيون.
ياد رهي ته عورتن خلاف تشدد جي واقعن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي جڏهن ته مٿن جنسي حملن جي واقعن جون وڊيوز پڻ گذريل ڪجهه مهينن ۾ تيزي سان اچي رهيون آهن.
افسوسناک ،افسوسناک ،افسوسناک…
یہ واقعہ ابھی راولپنڈی کے تھانہ وارث خان کے علاقے میں ہوا ہے،
پولیس شہریوں کی حفاظت اور چوروں ڈاکووں کو پکڑنے کے بجائے کہیں اور مصروف ہے،
اس سب کے بعد کیا دیکھنے کو باقی ہے؟ 💔
خدارا ملک پر رحم کریں 🙏🙏
ہم پوائنٹ آف نو ریٹرن پر پہنچ چکے ہیں pic.twitter.com/OGjOjlXUEg— Siddique Jan (@SdqJaan) August 28, 2023